پنجاب يونيورسٽي ۾ هڪ پارٽي پي ايس ايف جي ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻايو :منصور علي شاهاڻي

- Advertisement -
وڏي وزير جي خاص مددگار منصور علي شاهاڻي چيو آهي ته پنجاب يونيورسٽي ۾ هڪ پارٽي پي ايس ايف جي ڪارڪنن کي تشدد جو نشانو بڻايو، ڪنهن به سماج ۾ شاگردن تي تشدد ناڪاري رجحان کي ظاهر ڪري ٿو، پي ايس ايف جي ڪارڪنن تي تشدد مذمت جوڳو عمل آهي. پريس ڪانفرنس ڪندي منصور علي شاهاڻي چيو ته کين ايندڙ نسل کي هاڪاري سياست کان اجاگر ڪرڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته 25 جنوري تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري مهراڻ يونيورسٽي ڪانووڪيشن ۾ اچي رهيو آهي. وڏي وزير جي خاص مددگار منصور علي شاهاڻي چيو ته ڪنهن به سياسي پارٽي وٽ نوجوانن جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ بلاول ڀٽو زرداري جهڙو ليڊر ناهي. هن چيو ته اڄ جو نوجوان انٽرنيٽ کي پنهنجو انفرا اسٽرڪچر سمجهي ٿو. وڏي وزير جي خاص مددگار منصور علي شاهاڻي چيو ته هاڻي شاگرد يونين تان پابندي ختم ٿي چڪي آهي، جلد ئي اليڪشن ٿيندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
10.7 ° C
10.7 °
10.7 °
27%
1.3m/s
7%
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
19 °

تازه ترين خبرون