تازه ترين

پنج سال اڳ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڪشميري عوام جي آواز ۽ اميدن کي دٻائڻ جي سازش ڪئي وئي: شرجيل ميمڻ

- Advertisement -
سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پنج سال اڳ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڪشميري عوام جي آواز ۽ اميدن کي دٻائڻ جي سازش ڪئي وئي، ڪشمير جي استحصال جو ڏهاڙو ڪشميرين سان ٻڌي جو اظهار، انصاف ۽ حق خود اراديت لاءِ آواز بلند ڪرڻ جو ڏينهن آهي. ڪشمير جي استحصال جو ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته ڪشميري عوام جي آزادي، اميدن ۽ حقن جي احترام کي يقيني بڻائڻ ۾ عالمي برادري ڪردار ادا ڪري. سندس چوڻ هو ته عالمي برادري ڪشميرين جي خراب حالت تي اکيون بند نه ڪري، ڪشميري عوام جي حقن ۽ آزادي جي وڪالت جاري رکي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ڪشميري عوام ڀارتي فورسز جي تڪليفن ۽ ظلمن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ڀارتي قدمن سبب خطي ۾ عدم تحفظ جي احساس جنم ورتو آهي. هن چيو ته سڄي دنيا جون مهذب قومون ڀارت جي ڪريل قدمن تي سوال اٿاري رهيون آهن، پنج سال اڳ ڪشمير جي خصوصي حيثيت ختم ڪري ڪشميري عوام جي آواز ۽ اميدن کي دٻائڻ جي سازش ڪئي وئي. سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ڀارت، والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين، مرضي جي گرفتارين ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي راتاهو کڻڻ ۾ ملوث رهيو آهي……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
7 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
few clouds
32.7 ° C
32.7 °
32.7 °
17 %
3.7kmh
21 %
اربع
30 °
خميس
29 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °
آچر
33 °

تازه ترين خبرون