- Advertisement -
پنوعاقل ۾ هٿياربندن گهر ۾ گهڙي گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي لکين رپين جا سونا زيور ۽ ٻيو سامان ڦري فرار ٿي ويا.
سانگي واري علائقي ۾ 4 اڻڄاتل هٿياربندن سوناري شمس الدين شيخ جي گهر مان 20 تولا سون، 2 لک رپيا روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان ڦري ويا.
اطلاع تي سانگي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي گهرڀاتين کان تفصيل وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
گهرڌڻي شمس الدين شيخ ٻڌايو ته 4 هٿياربندن گهرڀاتين کي يرغمال بڻائي سونا زيور، روڪ رقم ۽ ٻيو سامان ڦري ويا، ڪجهه ڏينهن اڳ به ڦر جي ڪوشش ڪئي وئي هئي.
ٻئي طرف واپارين ۽ دڪاندارن پاران واقعي خلاف احتجاج طور پنهنجو ڪاروبار بند رکيو ويو آهي.- Advertisement -
