- Advertisement -
پني عاقل ڀرسان ڌاڙيلن جي ٽولي قومي شاهراهه تي ڪاهه ڪري ٽرڪ ڊرائيور سميت ٻن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا.
ڀيلار بس اسٽاپ ويجھو قومي شاھراھ تي ڌاڙيلن ڪاهه ڪري ٽرڪ مٿان فائرنگ ڪئي جنهن کانپوءِ ٻن ڄڻن کي اغوا ڪيو.
اطلاع تي پوليس پهچي ڏوهارين جي ٽولي مٿان فائرنگ ڪئي پر هو وجهه وٺي مغوين کي کڻي ڪچي ۾ لهي ويا.
پوليس واردات واري ھنڌ پھچي اغوا کان بچي ويل ڪلينر کان معلومات ورتي.
ٻڌايو پيو وڃي ته ٻنهي مغوين جو تعلق پنجاب جي ضلعي بهاولپور سان آهي……
- Advertisement -
