- Advertisement -
آءِ جي سنڌ، ڪراچي پوليس کي قرباني جي عيد تي مال پڙين، بازارن ۽ شاهراهن جي سڪيورٽي سخت ڪرڻ ۽ منشيات فروشن خلاف وڌيڪ ڪارروايون ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي،
ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بابت آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جي صدارت هيٺ پوليس عملدارن جو اجلاس ٿيو، جنهن دوران زونل ڊي آءِ جيز ۽ سي آءِ اي پاران بريفنگ ڏني وئي.
اجلاس دوران آءِ جي سنڌ، پوليس ڪارڪردگي جي ساراهه ڪندي چيو ته ايڊيشنل آءِ جي جي سربراهي ۾ ڪراچي پوليس جي سمورن شعبن ڏوهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ بهتر قدم کنيا آهن.
آءِ جي سنڌ چيو ته پوليس آفيسر پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ مال پڙين ۽ بازارن سميت روڊ رستن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائين، اضافي نفري مقرر ڪئي وڃي.
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته منشيات فروش مافيا ۽ روپوش ڏوهارين خلاف ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، پوليس آفيسر ڪارروايون ڪري پنهنجي رپورٽ پيش ڪن.- Advertisement -
