تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پيپلزپارٽيءَ  ۽ جي يو آءِ 26هين آئيني ترميم لاءِ گڏيل مسودي تي اتفاق ڪري ورتو

- Advertisement -
پيپلزپارٽيءَ  ۽ جي يو آءِ 26هين آئيني ترميم لاءِ گڏيل مسودي تي اتفاق ڪري ورتو،  بلاول ڀٽو زرداري چوڻ آهي ته هو اتفاقِ راءِ سان ترميم پاس ڪرائڻ چاهن ٿا، اميد ته ن ليگ به اتفاق راءِ پيدا ڪندي، آئين ۾ ترميم ڪنهن شخص لاءِ ناهي، کين عوامي مسئلن جو حل ڪڍڻو آهي، مولانا فضل الرحمان چيو ته غيرتڪراري قانوسازي چاهيون ٿا، اميد ته پارليامينٽ ۾ گڏيل مسودو پيش ڪيو ويندو، ن ليگ قيادت سان به ملاقات ٿيندي. پ پچيئرمين بلاول ڀٽو زداريءَ جي يو آءِ سربراهه سان ملاقات ڪئي، جيڪا ٽن ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري رهي. ملاقات دوران 26هين آئيني ترميم تي ڳالهيون ڪيون ويون ۽ گڏيل مسودو آڻڻ تي اتفاق ڪيو ويو. اهم ملاقات بعد گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته کين غير تڪراري آئيني ترميم ڪرڻي آهي، پ پ ۽ جي يو آءِ آئيني ترميم جي مسودي تي اتفاق ڪري ورتو آهي. هن چيو ته اميد ته پارليامينٽ مان منظور ٿيندڙ مسودو سندن ئي هجي، حڪومت جيڪو مسودو ڏنو اهو اڳ به قبول نه ڪيو هاڻي به قبول ناهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئيني ترميم ڪنهن به اڪيلي فرد لاءِ ناهي، نه ئي وقت جو ڪو مسئلو آهي. پ پ چيئرمين چيو ته اميد ته نوازشريف سان به مسودي تي اتفاق ٿي ويندو. ان موقعي تي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو ته سموري ايوان کي آئيني ترميم تي راضي ڪيو ويندو. هن چيو ته نوازشريف سان به ملاقات ٿيندي، پي ٽي آءِ قيادت سان به گڏجاڻي رٿيل آهي، اتفاق راءِ ۾ بلاول ڀٽو زرداريءَ جو وڏو ڪردار آهي. مولانا فضل الرحمان چيو ته سموري ايوان کي آئيني ترميم جي مسودي تي راضي ڪيو ويندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
33 %
2.5kmh
6 %
ڇنڇر
22 °
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون