تازه ترين

پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي جي اڪثر ميمبرن حڪومت بدران اپوزيشن ۾ ويهڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
پاڪستان پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪاميٽي جي اڪثر ميمبرن پارٽي کي ن ليگ سان گڏ حڪومت ٺاهڻ بدران اپوزيشن ۾ ويهڻ جي تجويز ڏني آهي. سنڌ ٽي وي نيوز پيپلزپارٽي جي سينٽرل ايگزيڪٽو ڪميٽي اجلاس جي اندروني ڪهاڻي حاصل ڪري ورتي آهي. ذريعن موجب، اڪثر ميمبرن راءِ ڏني ته جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري کي وزيراعظم بڻايو وڃي ته پيپلزپارٽي کي ن ليگ سان گڏجي حڪومت ٺاهڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ اتحاد نه ڪرڻ گھرجي. ذريعن موجب، اڪثر ميمبرن جو چوڻ هو ته ن ليگ واعدا ڪري ڦري ويندي آهي، 2013 کان 2018 تائين انتقام جو نشانو بڻايو ويو، تازو ئي پيپلزپارٽي جي ووٽن تي ڌاڙو هنيو ويو، ڌاڙو هڻندڙن جي پيپلزپارٽي اتحادي ڪيئن بڻجي سگھي ٿي. ذريعن موجب، اڪثر ميبمبر اها به راءِ ڏني ته ن ليگ کان وڌيڪ آزاد اميدوارن جو مينڊيٽ آهي، پهريان حڪومت ٺاهڻ انهن جو حق آهي، پ پ کي ن ليگ سميت ٻين آزاد اميدوارن سان به ڳالهائڻ گھرجي. ذريعن جو قيادت سمجهي ٿي ته مضبوط حڪومت اتحادي حڪومت نٿي ٺهي سگھي ته مخالف ڌر ۾ ويهڻ جو فيصلو ڪري. ميمبرن موجب، پ پ چاهي ته پنهنجو وزيراعظم آساني سان بڻائي سگھي پر ان سان سياسي طور تي نقصان ٿيندو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
43 %
3.1kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
34 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون