تازه ترين

پيپلزپارٽي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ڏهه سيڪڙو اضافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
پيپلزپارٽي سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ڏهه سيڪڙو اضافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو، اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف جو چوڻ آهي ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ست سيڪڙو اضافو ڪافي ناهي ان کي گهٽ ۾ گهٽ ڏهه سيڪڙو تائين وڌائڻ گهرجي. قومي اسيمبليءَ اجلاس ۾ خطاب ڪندي راجا پرويز اشرف چيو ته پاڪستان ٽئين عالمي جنگ جي خطرن کي ٽارڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو ۽ عالمي امن لاءِ خدمتن تي وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير مبارڪ جا مستحق آهن. سندس چوڻ هو ته سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ ست سيڪڙو اضافو ڪافي ناهي ان کي گهٽ ۾ گهٽ ڏهه سيڪڙو تائين وڌائڻ گهرجي. پيپلزپارٽي جي قومي اسيمبلي ميمبر چيو ته پ پ جي حڪومتي دور ۾ مشڪل معاشي حالتن باوجود سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 50 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو هو، بجيٽ ان وقت حقيقي معني ۾ عوامي بجيٽ بڻجندي جڏهن عوام کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو ويندو. راجا پرويز اشرف چيو ته ملڪ ۾ امن امان ۽ سياسي استحڪام اڻٽر آهي، ڇو ته سياسي استحڪام سان گڏيل پاليسيون جوڙيون وينديون جنهن جي نتيجي ۾ امن، بهتر معيشيت ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي ملندي. هن چيو ته اتحاد ئي ملڪ کي اڳتي وڌائي سگهي ٿو ۽ غربت جي خاتمي لاءِ سمورين سياسي قوتن کي گڏيل ڪوششون ڪرڻيون پونديون، الزامن جي سياست ختم ڪري عوامي مسئلن جي حل تي ڌيان ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي. آزاد ڪشمير جي صورتحال بابت اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اتان جي حالتن تي دل رت جو ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي، وزيراعظم جي هدايت تي هو ڳالهين واري وفد جو حصو بڻجي آزاد ڪشمير ويا هئا، جتي ڳالهين واري ڪميٽي سان ڳالهيون ٿيون ۽ لڳ ڀڳ 80 سيڪڙو مطالبان مڃيا ويا هئا. راجا پرويز اشرف چيو ته پناهگيرن جي سيٽن جو معاملو رولڙي جو شڪار آهي، جڏهن ته ٻيا مطالبا فوري طور تي مڃيا ويا، جن ۾ ٽي رپيا في يونٽ بجلي ۽ اٽي تي سبسڊي شامل آهي. سندس چوڻ هو ته آزاد ڪشمير جا مسئلا اڃا به ڳالهين ذريعي حل ڪري سگهجن ٿا، ڇڪتاڻ يا معاشي جمود سان مسئلا حل نه ٿيندا، انهن مطالبن تي رياست کي وڌيڪ لچڪ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي ته جيئن رياست جي ريڊ لائنز تي ڪابه سوديبازي نه ٿي سگهي. اڳوڻي وزيراعظم تجويز ڏني ته هڪ نئين ڳالهين واري ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا آزاد ڪشمير ۾ ڌرين سان ٻيهر ڳالهين ڪري، خطي ۾ ڇڪتاڻ سبب اسرائيل ۽ ڀارت خوش ٿي رهيا آهن، جڏهن ته والاريل ڪشمير جو عوام به ان صورتحال مان متاثر ٿي رهيو آهي. راجا پرويز اشرف چيو ته احتجاج ڪندڙن کي اپيل آهي ته هو احتجاج ختم ڪري ڳالهين جو رستو اختيار ڪن، حڪومت ۽ مظاهرين گڏيل ڳالهين ذريعي مسئلن جو حل تلاش ڪن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.3 ° C
21.3 °
21.3 °
47 %
6.2kmh
1 %
جمعو
22 °
ڇنڇر
29 °
آچر
32 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °

تازه ترين خبرون