پيپلزپارٽي سموري ملڪ ۾ چونڊ مهم هلائي رهي آهي  پر نواز ليگ جي چونڊ مهم نه هئڻ برابر آهي: شازيه مري

- Advertisement -
اين اي 209 جي پ پ اميدوار شازيه مري چيو آهي ته پيپلزپارٽي سموري ملڪ ۾ چونڊ مهم هلائي رهي آهي  پر نواز ليگ جي چونڊ مهم نه هئڻ برابر آهي،هو ڪنھن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏيندا. ٻيراني ھائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي شازيه مري چيو چونڊ شيڊول جاري ڪرائڻ لاء سڀ کان پهريانِ پ پ زور ڀريو هو. هن چيوته ڪراچي ۾ بلاول ڀٽو جي ريلي شھيد ذوالفقار ڀٽو جي 1977واري ريلي جي ياد تازي ڪري ڇڏي. سندس چوڻ هو ته ڪراچي پنھنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو، شهرين لاڏلي ليڊر بلاول ڀٽو زرداري کي وڏي اهميت ڏني  جيڪا پ پ جي وڏي ڪاميابي آھي. شازيه مري چيو ته  مخالف کيس هيسائڻ جي ڪوشش ڪن پيا، سندن ڪارڪن کي تنگ ڪيو پيو وڃي، هو اليڪشن ۾ دانڌلي ٿيڻ نه ڏيندا. هن چيو ته  سانگھڙ جا سمورا روڊ پ پ ٺاھيا، اڇڙي ٿر ۾ پاڻي ڏنو ويو، پ پ اهڙا ڪيترائي ترقياتي ڪم ڪرايا آھن. سندس چوڻ هو ته بلاول ڀٽو اقتدار ۾ اچي بک  ختم ڪريو پروگرام شروع ڪندو ۽  عوام لاءِ معاشي حالتن کي بھتر ڪيو ويندو. پ پ اميدوار شازيه مري چيو ته پير صدرالدين شاھ راشدي ورڪ دوران جيڪا لٺين جي ڳالھه ڪئي اھا غلط ڳالھ آھي، سندس ڪارڪنن کي ڪجھه به ٿيو انھي جو ذميوار جي ڊي اي ھوندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
13.2 ° C
13.2 °
13.2 °
31%
1.4m/s
1%
اڱارو
13 °
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
22 °
ڇنڇر
22 °

تازه ترين خبرون