تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

پيپلزپارٽي سنڌو درياهه مان نوان ڪينال ڪڍڻ واري منصوبي کي عوام خلاف سمجهي ٿي: شازيه مري

- Advertisement -
پيپلزپارٽي، پاڻي جي ورڇ ۽ سنڌو درياهه مان نوان ڪينال ڪڍڻ واري معاملي تي حڪومت کان گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس گهرائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، شازيه مري جو چوڻ آهي ته ن ليگ حڪومت جي تڪراري فيصلن تي خدشا آهن، پيپلزپارٽي سنڌو درياهه مان نوان ڪينال ڪڍڻ واري منصوبي کي عوام خلاف سمجهي ٿي، ڪينالن بابت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو موقف چٽو آهي، نوان ڪينال ٺاهڻ سان سنڌ متاثر ٿيندي، ڪينالن واري منصوبي بابت پ پ کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو. ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شازيه مري چيو ته ماڻهو سياسي استحڪام ۽ دهشتگردي جو خاتمو چاهن ٿا، جمهوريت حاصل ڪرڻ ۽ آمريت خلاف رڳو پيپلزپارٽي بيٺل رهي. سندس چوڻ هو ته 27ڊسمبر تي ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي ورسي ملهائي وئي، شهيد بي بي جون جمهوريت لاءِ خدمتون وسارڻ جوڳيون ناهن. پيپلزپارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه مري چيو ته هنن ليڊر نه پر عوام لاءِ وڙهندڙ عظيم قائد کي وڃايو، بينظير ڀٽو ڪمزور جو آواز هئي، ان جو آواز هئي جنهن کي انصاف ناهي مليو، محترمه ننڍن صوبن جي محروم عوام جو آواز هئي. هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو کي شهيد ڪندڙ اهو نه سوچيو هوندو ته شهيد جو مشن جيالا اڳتي کڻي هلندا، اهي ماڻهو شهيد ڀٽو کي ڦاهي ڏيڻ وقت به غلط فهمي جو شڪار هئا ۽ شهيد راڻي کي نشانو بڻائڻ وقت، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خطاب ۾ چيو ته قوم معيشيت بابت پريشان آهي، اڄ ملڪ جو عوام امن امان ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي چاهي ٿو. پيپلزپارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري شازيه مري چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي تقرير ۾ خدشن جو اظهار ڪيو، ن ليگ حڪومت جي تڪراري فيصلن تي خدشا آهن. سندس چوڻ هو ته پيپلزپارٽي سنڌو درياهه مان نوان ڪينال ڪڍڻ واري منصوبي کي عوام خلاف سمجهي ٿي، ڪينالن بابت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جو موقف چٽو آهي. پيپلزپارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري چيو ته نوان ڪينال ٺاهڻ سان سنڌ متاثر ٿيندي، ڪينالن واري منصوبي بابت پ پ کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو، پاڻي جي ورڇ ۽ سنڌو درياهه مان نوان ڪينال ڪڍڻ واري معاملي تي سي سي آءِ جو اجلاس گهرايو وڃي، پ پ چيئرمين پنهنجي محنت سان پاڪستان کي دنيا جي نقشي تي هڪ دفعو ٻيهر رکي ڇڏيو. شازيه مري چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزير طور پاڪستان لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، هڪ نااهل حڪومت ملڪ کي نقصان پهچايو هو. پيپلزپارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري چيو ته جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري پرڏيهي وزير ٿيو ته پاڪستان 2022ع جي ٻوڏ سميت ٻين چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو هو، بلاول ملڪ لاءِ پرڏيهه مان مدد آندي، جن ماڻهن جون خدمتون ملڪ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ رهيون، هو کين ڀيٽا پيش ڪن ٿا. شازيه مري چيو ته پيپلزپارٽي وفاق ۾ گيس جو معاملو اٿاريو ته آذربائيجان مان گيس گهرائڻ بند ڪئي وئي، توانائي واري وزارت ۾ جونيئر آفيسرن کي اعليٰ عهدن تي مقرر ڪيو ويو آهي، اڄ ضرورت آهي ته ملڪ ۾ عوام جي مسئلن کي ختم ڪيو وڃي
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
30.7 ° C
30.7 °
30.7 °
10 %
1.7kmh
51 %
ڇنڇر
30 °
آچر
28 °
سُومر
27 °
اڱارو
27 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون