تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پيپلز پارٽي اهڙي ڪنهن به ترميم جي حمايت نه ڪندي: سيد ناصر حسين شاهه

- Advertisement -
مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته پيپلز پارٽي اهڙي ڪنهن به ترميم جي حمايت نه ڪندي، جنهن سان صوبن جي اختيارن يا عوامي مفادن کي نقصان پهچي. ايڪسپو سينٽر ڪراچي ۾ ٿيندڙ پاڪستان ميرٽائيم ايڪسپو ۽ ڪانفرنس جي دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي ناصر شاهه چيو ته هو سياسي هٿيار ۽ مفاهمت ذريعي 18هين ترميم ختم ڪرڻ جون ڳالهيون ڪندڙن جو مقابلو ڪندا. هن چيو ته عالمي ميرٽائيم نمائشٿيڻ سٺو سنوڻ آهي، نمائش ۾ 45 ملڪن کان وڌيڪ وفدن شرڪت ڪئي ۽ 270 ملين ڊالرن جي مفاهمتي يادداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن. هن ٻڌايو ته نمائش جي انتظام ۾ پاڪستان نيوي سان گڏ سنڌ حڪومت به خاص ڪردار ادا ڪيو آهي. ناصر شاهه چيو ته صنعتن جي ترقي لاءِ توانائي تمام ضروري آهي، ان لاءِ صوبي ۾ سستي بجلي جي فراهمي خاطر سولر پارڪ ٺاهيا پيا وڃن، چئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي هدايت تي ڌابيجي ۾ ڏهه سالن لاءِ ٽيڪس فري اڪنامڪ زون قائم ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪار وڏي دلچسپي ڏيکاري رهيا آهن….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
8 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
few clouds
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
25 %
2.5kmh
17 %
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون