- Advertisement -
پيپلز پارٽي جي احتجاج کانپوءِ حڪومت اسپيشل اڪنامڪ زون ترميمي آرڊيننس واپس وٺي ڇڏيو آهي.
وزيراعظم اسپيشل اڪنامڪ زون ترميمي آرڊيننس واپس وٺڻ جي سمري منظور ڪندي صحيح ڪري ڇڏي آهي.
پيپلز پارٽي صدر آصف علي زرداري جي منظوري ۽ صحيح کانسواءِ آرڊيننس جاري ڪرڻ تي قومي اسيمبلي مان واڪ آئوٽ ڪيو هو.
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري اڄ پارلياماني پارٽي جو هنگامي اجلاس پڻ طلب ڪيو آهي.
حڪومت پيپلز پارٽي جي احتجاج کانپوءِ اسپيشل اڪنامڪ زون ترميمي آرڊيننس واپس وٺي ڇڏيو.
پڌرائي موجب وزيراعظم آئين جي آرٽيڪل ٻه 89 تحت آرڊيننس واپس وٺڻ جي ايڊوائيس ڏني.
- Advertisement -
