- Advertisement -
پيپلز پارٽي لاهور جي اين اي 127 جي نتيجن تي خدشن جو اظهار ڪري ڇڏيو، شيري رحمان جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو زرداري جي سرسي کي تبديل ڪري عطا تارڙ کي ڪامياب قرار ڏنو ويو، پ پ پرامن پارٽي آهي، ڏڦيڙ جي خواهش ناهي.
لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيري رحمان چيو ته چونڊ نتيجن ۾ دير جي مطلب جي خبر آهي، لاهور ۾ نتيجا اپچتو تبديل ٿيا، بلاول جي ڪليئر ليڊ هر چينل تي اچي چڪي هئي.
هن چيو ته لاهور هائيڪورٽ سان رابطي جي ڪوشش ڪئي وئي پر در ئي نه کوليو ويو، لاهور ڪنهن جي جاگير ناهي، سمورو ملڪ عوام لاءِ کليل هئڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته ايپ بند ڪرڻ تي هو اليڪشن ڪميشن پهتا، پ پ پرامن پارٽي آهي، ڏڦيڙ جي خواهش ناهي….- Advertisement -
