تازه ترين

 پي ايس 80 ڪي اين شاهه تي چونڊيل پ پ اميدوار عبدلعزيز جوڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو

- Advertisement -
پي ايس 80 ڪي اين شاهه تي چونڊيل پ پ اميدوار عبدلعزيز جوڻيجو لاڏاڻو ڪري ويو. عبدالعزيز جوڻيجو ڪجهه عرصو بيمار رهڻ بعد ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ دم ڌڻي حوالي ڪيو. پ پ اڳواڻ عبدالعزيز جوڻيجي جي جو مڙهه اڄ اباڻي ڳوٺ روانو ڪيو ويندو. عبدالعزيز جوڻيجو جي جنازي نماز  ادا ڪرڻ بعد سندس مڙهه اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. پ پ اڳواڻ عبدالعزيز جوڻيجو 8 فيبروري 2024ع تي ٿيندڙ عام چونڊن ۾ پي ايس 80 تي جي ڊي اي اڳواڻ ڪريم علي جتوئي کي شڪست ڏيندي 52 هزار 131 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي. پ پ ايم پي اي عبدالعزيز جوڻيجو ٽي ڀيرا صوبائي وزير به رهي چڪو آهي. پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ پاران عبدالعزيز جوڻيجو جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو ويو آهي. شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته عبدالعزيز جوڻيجو ڏکئي وقت ۾ پ پ سان گڏ بيٺل رهيو. هن چيو ته  پ پ لاءِ مرحوم عبدالعزيز جوڻيجو جون خدمتون هميشه ياد رکيون وينديون، مرحوم جي وفات سوڳوار خاندان لاءِ وڏو صدمو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
8 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
34 ° C
34 °
34 °
20 %
3.7kmh
0 %
آچر
33 °
سُومر
34 °
اڱارو
33 °
اربع
32 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون