- Advertisement -
پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي کي اٽڪ جيل مان آزاديءَ کانپوءِ ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي.
اٽڪ جيل ٻاهران ٽيڪسلا پوليس اعظم سواتي کي ٻيهر گرفتار ڪري ورتو.
ذريعن موجب پوليس اعظم سواتي کي اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ اعظم سواتي کي ٽيڪسلا ٿاڻي تي داخل ڪيل ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو، ڪيس ۾ 20 قلم لڳايا ويا آهن.
اسلام آباد جي دهشتگردي جي انت واري عدالت اعظم سواتي جي ضمانت منظور ڪئي .
ضمانت منظور ٿيڻ باوجود اعظم سواتي کي ٻئي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.- Advertisement -
