- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پي ٽي آءِ باني جي سول نافرماني واري ڪال کل جوڳي آهي، عوامي تشدد جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي، لاشن بابت ڪوڙي واويلا ڪئي پئي وڃي، ملڪي ترقي لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، اقليتي برادري جي حقن جي حفاظت حڪومت جي پهرين ترجيح آهي، مسيحي برادري جون ملڪ لاءِ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.
لاهور ۾ ڪرسمس تقريب کي خطاب ڪندي عطا تارڙ چيو ته اقليتن جي حقن جو تحفظ مٿس وڌيڪ لازم آهي، هو ڪرسمس کي ڀرپور نموني ملهائيندا، ڪرسچن ڪميونٽي سان هر خوشي ۽ ڏک ۾ گڏ بيٺل آهن.
سندس چوڻ هو ته ڪرسچن ڪميونٽي دنيا جا بهترين فائٽر پائلٽ پيدا ڪيا، هو ظلم، تشدد ۽ نفرت خلاف آواز اٿارڻ چاهن ٿا، پاڪستان الله جي تمام وڏي نعمت آهي، کين جيڪي به نعمتون حاصل ٿيون آهن اهي هن ملڪ جي ڪري آهن.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته هن ملڪ ۾ هاڻي تشدد ۽ ڏڦيڙ نٿو ٿي سگهي، جتي به تشدد ۽ ڏڦيڙ ٿيندو هو اتي لوهي ڀت بڻجي ويهندا، هي ملڪ آهي ته سياستون ۽ وزارتون آهن.
هن چيو ته ملڪ جي مفاد ۾ شين کي اڳتي کڻي هلڻو آهي، پرڏيهي سيڙپڪاري وڌي رهي آهي، وياج جي شرح 15 سيڪڙو ۽ مهانگائي 4 ڏهائي 8 سيڪڙو تي آهي، مهانگائي 2018ع کانپوءِ گهٽ ترين سطح تي پهتي آهي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ باني جي سول نافرماني واري ڪال کل جوڳي آهي، عوامي تشدد جي سياست کي رد ڪري ڇڏيو آهي، لاشن بابت ڪوڙي واويلا ڪئي پئي وڃي، ملڪي ترقي لاءِ سڀني کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو……….- Advertisement -
