- Advertisement -
پي ٽي آءِ جي وائس چيئرمين شاهه محمود قريشيءَ کي پندرهن ڏينهن لاءِ نظربند ڪيو ويو آهي.
ڊي سي راولپنڊي جي حڪم تي شاهه محمود قريشيءَ جي نظربندي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.
راولپنڊي پوليس شاهه محمود قريشيءَ کي نظربنديءَ جي سفارش ڪئي هئي.
ڊي سي راولپنڊي جو چوڻ آهي ته شاهه محمود قريشي 9 مئي ڪيسن ۾ نامزد آهي، کانئس پڇاڳاڇا ڪرڻي آهي، ان ڪري سندس نظربنديءَ جا آرڊر جاري ڪيا وڃن ٿا.
سائفر ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي باني ۽ وائس چيئرمين شاهه محمود قريشي جي ضمانت سپريم ڪورٽ منظور ڪئي هئي، جنهن به جيل مان سندس آزاديءَ جو امڪان هو.- Advertisement -
