- Advertisement -
سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ “ڪپتان نه ته پاڪستان نه” واري ايجنڊا تي قائم آهي، رٿابنديءَ تحت وڳوڙ ڪيا پيا وڃن، پي ٽي آءِ باني ملڪ جي ترقي ۽ سلامتي کي نقصان پهچائي رهيو آهي، ڪي پي جو وڏو وزير سرڪاري وسيلا استعمال ڪري وڳوڙ پيو ڪري، ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ پي ٽي آءِ باني کي استعمال ڪيو پيو وڃي.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سياسي پارٽيءَ جي احتجاج سبب سڀ ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن.
هن چيو ته هڪ شخص سموري پاڪستان کي پريشان ڪرڻ ۽ معيشت تباهه ڪرڻ چاهي ٿو، ماضيءَ ۾ ان شخص کي مڙهيو ويو، جيڪو ملڪي سلامتي کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿو.
شرجيل ميمڻ چيو ته پاڪستان ۾ شنگهائي سهڪار تنظيم جو اجلاس ٿي رهيو آهي پر پي ٽي آءِ وارا وڳوڙي حالتون چاهن ٿا.
هن چيو ته سوچيل سمجهيل سازش تحت اهو سڀ ڪيو پيو وڃي، پي ٽي آءِ “ڪپتان نه ته پاڪستان نه” واري ايجنڊا تي قائم آهي، رٿابنديءَ تحت وڳوڙ ڪيا پيا وڃن.
شرجيل ميمڻ چيو ته پشتون هڪ مضبوط قوم آهي، جن ۾ پي ٽي آءِ باني نفرت پيدا ڪري رهيو آهي.
سندس چوڻ هو ته شدت پسند جٿو ڪي پي جي وڏي وزير سان گڏ آهي، ڪجهه گروهن کي اڳ ئي اسلام آباد پهچايو ويو، سرڪاري وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن.
شرجيل ميمڻ چيو ته اڄ تائين ڪنهن به پارٽيءَ جي اها جرئت ناهي جو اها ڳالهه ڪري جيڪا بئريسٽر سيف جئه شنڪر کي چئي.
سينيئر صوبائي وزير چيو ته پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ دشمن قوتون ملڪ ۾ ڏڦيڙ پيدا ڪرڻ چاهن ٿيون، ان ڪم لاءِ پي ٽي آءِ بانيءَ کي چونڊيو ويو آهي- Advertisement -
