- Advertisement -
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته پي ٽي آءِ 50 لک گهرن ۽ هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيڻ جو واعدو ڪيو، ڇا ڪنهن کي گهر مليو، بيروزگاري ختم ٿي وئي آهي، هو بلين ٽرين وارا نه آهن، جيڪا ڳالهه ڪندا آهن پوري ڪئي ويندي آهي.
فيصل آباد ۾ جلسي کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته پي ٽي آءِ 50 گهر ڏيڻ جو واعدو ڪيو ڇا ڪنهن کي گهر مليو، بلين ٽري وارا نه آهن جيڪا ڳالهه ڪندا آهن پوري ڪندا آهن.
هن چيو ته هي نوجوان ممي ڊيڊ وارا نه آهن، هي يوٿ ڪنهن ٻئي سان گڏ ناهي، نوجوان طبقو مسلم ليگ ن سان آهي.
سندس چوڻ هو ته مخالف چوندا هئا ته هڪ ڪروڙ نوڪريون ڏيندا ڇا ڪنهن کي نوڪري ملي آهي، هر ماڻهو وٽ روزگار هئڻ گهرجي.
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته پنجن سالن کانپوءِ فيصل آباد ۾ ڪو ماڻهو بيروزگار نه هئڻ گهرجي، علائقي ۾ اورنج لائن به ڏني وڃي.
هن چيو ته فيصل آباد جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي موٽروي آهن، عوام کي اڃا ڪيتريون موٽروي گهرجن.
نواز شريف چيو ته حڪومت ۾ اچي ماني، گئس، پئٽرول ۽ کنڊ سستي ڪئي ويندي.- Advertisement -
