پڊعيدن:بدامني خلاف شهر ۾ شٽر بند هڙتال، ڌرڻو

- Advertisement -
پڊعيدن ۾ بدامني خلاف شٽربند هڙتال ڪري شهرين پاران ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. شهر ۾ هڙتال سبب ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رهيا جڏهن ته ارشد خان ملڪ، منور علي سيال، واجد ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بدامني وڌي وئي آهي، چوري، ڦر ۽ ڌاڙا روز جو معمول بڻجي ويا آهن. هنن چيو ته رات دير سان 3 موٽرسائيڪل سوار هٿياربند ميڊيڪل اسٽور تي ڪاهه ڪري اسٽور مالڪ ارشد ملڪ کان روڪ رقم ۽ موبائل فون ڦر ڪري ويا. سندس چوڻ هو ته پوليس امن امان قائم ڪرائڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي وئي آهي. احتجاج ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته بدامني تي ضابطو آڻي ڦر ٿيل رقم ۽ موبائل فون واپس ڪرائي انصاف ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
19 ° C
19 °
19 °
43%
3.4m/s
0%
اڱارو
19 °
اربع
27 °
خميس
28 °
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون