- Advertisement -
پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير خورشيد شاهه انٽرنيٽ سروس بند ٿيڻ تي خدشي جو اظهار ڪري ڇڏيو.
سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ خورشيد شاهه جو چوڻ آهي ته موبائل ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ تي کين اعتماد ۾ نه ورتو ويو آهي.
هن چيو ته نتيجا اچڻ کانپوءِ عام چونڊن جي شفاف هئڻ يا نه هئڻ بابت خبر پوندي.
خورشيد شاهه چيو ته موبائيل فون سروس غير معمولي حالتن ۾ بند ڪئي ويندي آهي، اليڪشن ڏهاڙي انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سروس بند ڪرڻ جو ڪو به جواز نه آهي.- Advertisement -
