تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

پ پ عورتن خلاف تشدد جهڙن ظلمن جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي : بلاول ڀٽو زرداري

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پيپلزپارٽي عورتن خلاف ڊيجيٽل تشدد سميت هر قسم جي تشدد جي مذمت ڪري ٿي، پ پ عورتن خلاف تشدد جهڙن ظلمن جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، جيستائين عورتون تشدد کي منهن ڏينديون رهنديون، ڪابه قوم ترقي نه ڪري سگهندي. عورتن خلاف تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عورتن تي تشدد چاهي جسماني هئي، نفسياتي، سماجي يا ڊيجيٽل، انساني وقار تي حملو ۽ معاشري جي اخلاقي ناڪامي آهي. سندس چوڻ هو ته جڏهن ته ڪنهن عورت تي تشدد ٿيندو آهي ته هڪ خاندان جو روح زخمي ٿيندو آهي ۽ قوم جو مستقبل ڪمزور پئجي ويندو آهي. پ پ چيئرمين چيو ته هو تشدد جو نشانو بڻجندڙ عورتن جي حوصلي کي ڀيٽا پيش ڪن ٿا جنهن جي همت، انصاف ۽ سڌارن جو رستو روشن ڪندي آهي، انهن ڪارڪنن ۽ ادارن کي به سلام جيڪي عورتن جي تحفظ ۽ بااختيار بڻائڻ لاءِ جدوجهد ڪري رهيا آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هو عورتن خلاف رشدد جي خاتمي سميت سندس حقن جي تحفظ لاءِ انقلابي قدمن تي شهيد محترمه بينظير ڀٽو کي ڀيٽا پيش ڪن ٿا. هن چيو ته رياستي ادارن ۽ سياسي پارٽين سميت سمورا شهري عورتن جي تحفظ، فوري انصاف ۽ مددگار سهولتن کي يقيني بڻائڻ لاءِ متحد ٿي وڃن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
11 watching
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
overcast clouds
24.4 ° C
24.4 °
24.4 °
13 %
1.2kmh
98 %
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون