- Advertisement -
پ پ ليڊيز ونگ جي صدر فريال ٽالپر سنڌ اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جي چيئرپرسن چونڊجي وئي آهي
فريال ٽالپر سنڌ اسيمبلي جي گهرو معاملن بابت اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جي بنامقابلي چيئرپرسن چونڊي وئي.
ڪميٽي جي 11 ميمبرن ۾ 2 ايم ڪيو ايم، هڪ سني اتحاد ڪائونسل ۽ هڪ جماعت اسلامي جو ميمبر شامل آهي.
ڪميٽيءَ جي ميمبرن ۾ صائمه آغا، سهيل انور سيال، شام سندر، مجيب الحق، خرم ڪريم، مليحه منظور، ايم ڪيو ايم جو عبدالوسيم، شارق جمال ۽ جماعت اسلامي جو محمد فاروق به شامل آهن.
ان سلسلي ۾ ڳالهائيندي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار چيو ته فريال ٽالپر سنڌ اسمبلي جي گهرو کاتي معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن چونڊجي وئي آهي.
هن چيو ته فريال ٽالپر جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن بڻجڻ سان وڌيڪ بهتري ايندي.
ضياءَ الحسن لنجار چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ جماعت اسلامي به فريال ٽالپر کي سپورٽ ڪئي آهي…………….- Advertisement -
