تازه ترين

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڳڙهي ياسين پهچي آغا سراج دراني جي پونئيرن سان تعزيت ڪئي

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڳڙهي ياسين پهچي آغا سراج دراني جي پونئيرن سان تعزيت ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني جي لاڏاڻي تي  سندس پٽ آغا شهباز درانيءَ، ڀائرن آغا شجاع دراني، آغا مسيح دراني ۽ آغا رفيع الدين خان دراني سان تعزيت ڪئي. بلاول ڀٽو زرداريءَ آغا سراج دراني جي ناٺين عثمان مرزا، شهريار اجمل ۽ عزيز آغا ارشد دراني سان به همدرديءَ جو اظهار ڪيو. پ پ چيئرمين سينيئر سياستدان آغا سراج دراني لاءِ فاتحه پڙهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آغا سراج درانيءَ آمريتي دور ۾ سختيون برداشت ڪيون پر ڀٽو ازم جي نظريي کان پوئتي نه هٽيو. هن چيو ته ڏهاڪن تي ٻڌل آغا سراج دراني جون سياسي ۽ عوامي خدمتون  وسارڻ جوڳيون ناهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اهڙن ڪردارن کي تاريخ ۾ سدائين زنده رهڻ گهرجي. بلاول ڀٽو زرداري سان مير نادر مگسي، خورشيد جوڻيجو، سردار محمد بخش مهر، جميل سومرو ۽ ٻيا پڻ موجود هئا……….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
26.9 ° C
26.9 °
26.9 °
18 %
3.4kmh
0 %
اڱارو
26 °
اربع
34 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °

تازه ترين خبرون