تازه ترين

ٿاڻن کي هاڻي سڌي نموني فنڊن جي ادائگي يقيني بڻائي ويندي، پوليس اهلڪار بهتر ڪارڪردگي سان ڏوهارين جو خاتمو ڪن:آءِ جي سنڌ

- Advertisement -
آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته ٿاڻن کي هاڻي سڌي نموني فنڊن جي ادائگي يقيني بڻائي ويندي، پوليس اهلڪار بهتر ڪارڪردگي سان ڏوهارين جو خاتمو ڪن،  سنڌ سرڪار طرفان پوليس کي هيلٿ انشورنس فراهم ڪيو ويو آهي. ملير ۾ پوليس اهلڪارن جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب ڪندي آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته  پوليس اهڪارن جي ميرٽ تي سليڪشن ٿي آهي جنهن تي کيس تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي. هن چيو ته پوليس اهلڪار سٺو ڪم ڪندا ته عوام ۽ ميڊيا واکاڻ ڪندا آهن. سندس چوڻ هو ته بهتر ڪم ڪرڻ تي عوام پوليس اهلڪارن کي ڪلهن تي کڻندو آهي. آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته سنڌ سرڪار طرفان پوليس اهلڪارن کي هيلٿ انشورنس ڏنو ويو آهي. هن چيو ته پوليس اهلڪار  پنهنجي خاندان جو بهترعلاج ڪرائي سگهن ٿا،  حڪومت شهيد پئڪيج ۾ به اضافو ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته پوليس ٿاڻن کي بهتر ڪرڻ سندس ايندڙ قدم آهي،  ٿاڻن کي پنج ملين رپين جا سڌا فنڊ جاري ڪيا ويا آهن. آءِ جي غلام نبي ميمڻ چيو ته  پوليس اهلڪار ڏوهارين جي خاتمي لاءِ ڪوششون  ڪن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.7 ° C
25.7 °
25.7 °
44 %
1.7kmh
0 %
خميس
31 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
35 °

تازه ترين خبرون