ٿرپارڪر جي مختلف علائقن ۾ برسات دوران وڄ ڪرڻ جي واقعن ۾ 30 کان وڌيڪ ڍور مري وڃڻ جا اطلاع آهن

- Advertisement -
ٿرپارڪر جي مختلف علائقن ۾ برسات دوران وڄ ڪرڻ جي واقعن ۾ 30 کان وڌيڪ ڍور مري وڃڻ جا اطلاع آهن. ڇاڇري ويجهو ڳوٺ ڀڳيسل ۾ برسات دوران کنوڻ ڪرڻ سبب ڳوٺاڻي ڏانو ميگهواڙ جون پنج ٻڪريون سڙي مري ويون. اسلام ڪوٽ ويجهو ڳوٺ نيون تڙ ۾ وڄ ڪرڻ سبب ٻه ٻڪريون مري ويون. نينگر پارڪر جي ڳوٺ تڳوسر ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب ڳوٺاڻي جميل هاليپوٽو ٻڪر ۽ گابو سڙي مري ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته گذريل رات ٿرپارڪر جي مختلف علائقن ۾ برسات دروان وڄ ڪرڻ جي واقعن ۾ 30 کان وڌيڪ ڍور مرڻ جا اطلاع آهن. علائقي واسين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته هنگامي بنياد تي کنوڻ کان بچاءَ لاءِ ارٿ راڊون لڳايون وڃن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
18.9 ° C
18.9 °
18.9 °
41%
2.8m/s
0%
جمعو
29 °
ڇنڇر
30 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون