ڀارت پاڪستان تي ٻيهر ميزائل حملو ڪري سگهي ٿو ،کين ان تي نظر رکڻي پوندي : رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل ناصر جنجوعا

- Advertisement -
قومي سلامتي جي اڳوڻي صلاحڪار رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل ناصر جنجوعا چيو آهي ته  ڀارت پاڪستان تي ٻيهر ميزائل حملو ڪري سگهي ٿو، کين ان تي نظر رکڻي پوندي،  ڀارت کي چڱي نموني ڄاڻ آهي ته پاڪستان وٽ  جديد ترين ميزائل ٽيڪنالاجي موجود آهي، حق جي جنگ کانپوءِ پاڪستان ۽ پاڪ فوج جو دنيا ۾ قد وڌيو آهي، ڀارت دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويو آهي. پاڪستان جي سفارتي ڪاميابين، مستقبل جي اميدن ۽ ايندڙ دفاعي حڪمت عملي جي عنوان سان سيمينار ڪوٺايو ويو. ناصر عنجوعا چيو ته ڀارت کي چڱي نموني ڄاڻ آهي ته پاڪستان وٽ  جديد ترين ميزائل ٽيڪنالاجي موجود آهي ۽ هو ان جي ناپاڪ اردارن کي هاڪاري طريقي سان جواب ڏئي سگهن ٿا. قومي سلامتي جي اڳوڻي صلاحڪار رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل چيو ته حق جي جنگ کانپوءِ پاڪستان ۽ پاڪ فوج جو دنيا ۾ قد وڌيو آهي، ڀارت دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويو آهي. هن چيو ته آمريڪا مسلم دنيا جي قيادت کي قتل ڪيو، عراق، ليبيا، مصر ۽ شام کي تباهه ڪيو، ايران تي بمباري ڪئي. قومي سلامتي جي اڳوڻي صلاحڪار رٽائرڊ ليفٽيننٽ جنرل چيو ته پاڪستان مسلم دنيا جي واحد اسلامي ايٽمي طاقت آهي جيڪا دشمن جي اک جو ڪنڊو آهي. ناصر جنجوعا چيو ته ڀارت جا اندروني سياسي  معاملا اهڙا آهن جو پاڪستان تي ٻيهر حملن جي خدشن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
12.5 ° C
12.5 °
12.5 °
35%
2.9m/s
34%
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °
سُومر
21 °

تازه ترين خبرون