تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڀارت ۾ مسلمانن سان ظلم ۽ ڏاڍ جي داستان رقم ڪئي پئي وڃي،

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو آهي ته ڀارت ۾ مسلمانن سان ظلم ۽ ڏاڍ جي داستان رقم ڪئي پئي وڃي، مسلمانن تي ٿيندڙ ظلمن ۾ ڪشمير پهرين نمبر تي آهي، ڪشمير کي ڪيل جيان پيش ڪيو پيو وڃي، ڪشمير لاءِ پاڪستان ڪردار ادا ڪري رهي آهي.

سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته ڪشمير ۾ امن کانسواءِ خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽ نٿي ٿي سگهي، ڪشمير ۾ ڇڪتاڻ ڪنهن به وقت خطي ۾ تباهي جو سبب بڻجي سگهي ٿي.

سندس چوڻ هو ته عالمي طاقتن جو ڌيان ڪشمير به هئڻ گهرجي، عالمي طاقتن کي خاص طور تي اولهه ملڪن کي يوڪرين جو مسئلو نظر اچي رهيو آهي.

بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته يوڪرين مسئلو پنهنجي جاءِ تي آهي، ڪشمير، فلسطين، برما ۽ ڀارت جي مسلمانن تي ظلم تي عالمي طاقتن جو ضمير خاموش آهي.

هن چيو ته 75 ورهين کان ڪشمير جو مسئلو عالمي طاقتن کي نظر نه اچي رهيو آهي، فلسطين جي مسئلي تي به سندن ڌيان ناهي، فليس پوائنٽ آهي جنهن تي ڪنهن به وقت عالمي امن تباهه ٿي سگهي ٿو.

بچاءَ واري وزير خواجا آصف چيو ته ڪشمير ۽ فلسطين تي ظلم سان ڪجهه مسلمان ملڪن طرفان آواز اٿاريو پيو وڃي، ٻيون طاقتون ان تي خاموش آهن.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.5 ° C
19.5 °
19.5 °
41 %
0.7kmh
100 %
ڇنڇر
19 °
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون