- Advertisement -
ڀٽ شاهه ۾ گئس سلينڊر ڌماڪي جو هڪ زخمي فوت ٿي ويو جڏهن ته ڇهن زخمين جو علاج هلندڙ آهي.
خميس ڏينهن ايل پي جي گيس اسٽيشن ۾ ڌماڪي سبب ست ڄڻا زخمي ٿي پيا ھئا.
زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.
زخمين مان ڀٽ شاھه واسي دلبر لاکو زخمن جا سور نه سهندي حيدرآباد جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.
اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
دلبر لاکو جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام ۽ علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول ڇائنجي ويو.
ڌماڪي جي ڇهن زخمين جو علاج هلندڙ آهي، جڏهن ته ٻن زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.
زخمين ۾ 65 ورهين جو الله بخش، 45 ورهين جو محمد صالح، 26 ورهين جو عابد، 50 ورهين جو وحيد شاهه، نادر ۽ 40 ورهين جي برميلا شامل آهن.- Advertisement -
