چوماسي برساتن جو جو مضبوط سسٽم اڄ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ داخل ٿيندو

- Advertisement -
ڀارتي رڻ ڪڇ ۽ ٿرپارڪر ڀرسان موجود مون سون جو مضبوط سسٽم اڄ ڪراچي ۽ حيدرآباد پهچندو. سسٽم سبب اڄ منجهند ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين ضلعن ۾ گجگوڙ ۽ تيز هوا سان برسات ٿي سگھي ٿي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ ايندڙ 3 کان 4 ڏينهن ۾ ڏيڍ سئو کان 200 ملي ميٽر برسات جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ڪراچي سميت سنڌ جي اڪثر هنڌن تي وقفي وقفي سان برسات جو امڪان آهي، تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان برسات ٿي سگھي ٿي. برسات کا نظر ۾ رکندي اڄ حيدرآباد، ميرپور خاص، سجاول، بدين، ٽنڊو الهيار،ڄامشورو، سانگھڙ ۽ ٿرپارڪر ضلعن ۾ سرڪاري توڙي خانگي اسڪول بند رهندا. ڪراچي جي ضلعي سينٽرل ۾ اسڪولن جي موڪلن جو نوٽيفڪيسن واپس ورتو ويو، شهر جا سمورا اسڪول اڄ کليل رهندا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
43%
2.8m/s
0%
سُومر
24 °
اڱارو
31 °
اربع
33 °
خميس
28 °
جمعو
26 °

تازه ترين خبرون