تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جو ڪشميري عوام کي خراج تحسين

- Advertisement -
چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي، سروسز چيفس ۽ هٿياربند فوج ڪشميري عوام کي خراج تحسين پيش ڪندي سندن خود اراديت جي حمايت جاري رکڻ جو ورجاءُ ڪيو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان اداري آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان موجب، پاڪ فوج ڪشميري عوام جي بيمثال جذبي  کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي، والاريل ڪشمير جو عوام ڪيترن ئي ڏهاڪن کان ڏاڍ، رياستي سرپرستي ۾ ٿيندڙ بربريت ۽ انساني حقن جي جاري سنگين ڀڃڪڙين جي سخت لفظن ۾مذمت ڪري ٿي. آءِ ايس پي آر موجب، ظلم جي مقابلي ۾ ڪشميرين جو عزه پوري قوم لاءِ عزم ۽حوصلي جي نشاني آهي، پاڪستان جي هٿياربند فوج والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي جاري سنگين ڀڃڪڙين جي سخت لفظن ۾مذمت ڪري ٿي. آءِ ايس پي آر موجب، ڪشميري عدالت کان مٿانهان قتل، جبري گمشدگين ۽ جبري حراست جهڙن ظلمن کي منهن ڏئي رهيا آهن، اهي ظلمَ ڀارت جي عالمي قانون، انساني همدردي جي اصولن ۽ بنيادي انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو واضع ثبوت آهن. آءِ ايس پي آر موجب، عالمي  برادري، انساني حقن جون تنظيمون ۽ گڏيل قومون ڪشميري عوام جي لاءِ فوري ۽ فيصلائتا قدم کڻن، يو اين جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن تي ڪشميرين جي مرضي موجب عملدرآمد يقيني  بڻايو وڃي. پاڪ فوج جي ترجمان جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پاڪستان جي هٿياربند فوج ڪشمير جي منصفاڻي مقصد لاءِ پنهنجي عزم تي ثابت قدم ۽ پاڪستان جي خودمختياري، علائقائي سلامتي جي حفاظت لاءِ هميشه تيار آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
31 %
3.6kmh
30 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون