- Advertisement -
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جي اجلاس مان جسٽس منيب اختر واڪ آئوٽ ڪري ويو.
ججن جي مقرريءَ لاءِ رولز ۾ ترميم بابت چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جسٽس منصور علي شاهه، جسٽس يحيٰ آفريدي، جسٽس امين الدين، جسٽس منيب اختر ۽ هائيڪورٽن جا چيف جسٽس به شريڪ ٿيا.
اجلاس دوران جسٽس منيب اختر جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ملتوي ڪرڻ جي تجويز ڏني، جنهن تي ڪميشن اختلاف ڪيو، ذريعن موجب جسٽس منصور علي شاهه اجلاس جون تجويز ڪيل سفارشون پڙهيون.
جسٽس منيب اختر راءِ ڏني ته آئيني ترميم جو معاملو قطعي ٿيڻ تائين اجلاس ملتوي ڪيو وڃي، مئي ۾ به جڊيشل ڪميشن جو اجلاس آئيني ترميم سبب ملتوي ڪيو ويو هو.
جديشل ڪميشن جي اجلاس ۾ وقفي کان جسٽس منيب اختر ۽ اٽارني جنرل ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي، جسٽس منيب پڇاڻو ڪيو ته گذريل اجلاس ۾ آئيني ترميم جو ٻڌايو ويو هو؟ ان بابت ٻڌايو.
اٽارني جنرل چيو ته ان جو جواب قانون وارو وزير ڏئي سگهي ٿو، جڊيشل ڪميشن کي اهو سوال پڇڻ جو اختيار ناهي، ڪميشن حڪومت کان اهو نٿي پڇي سگهي.
اٽارني جنرل جي جواب بعد جسٽس منيب اختر اجلاس مان اٿي هليو ويو..- Advertisement -
