- Advertisement -
چين ڪامياب عام چونڊون ڪرائڻ تي پاڪستان کي واڌايون ڏنيون آهن.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان مائوننگ پريس بريفنگ دوران سوال جي جواب ۾ چيو ته هو پاڪستان ۾ قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي چونڊن بعد ٺهندڙ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهن.
هن چيو ته هنن نوٽ ڪيو ته پاڪستان ۾ عام چونڊون مستحڪم ۽ بهتر نموني ٿيون.
چيني پرڏيهي ترجمان چيو ته ويجهي پاڙيسري ملڪ طور چين پاڪستاني عوام جي مينڊيٽ جو احترام ڪري ٿو ۽ هو اميد ٿا ڪن ته پاڪستان جون پارٽيون چونڊن ۾ سياسي ٻڌي ۽ سماجي استحڪام برقرار رکڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندو- Advertisement -
