سنڌ هائيڪورٽ ڊاڪٽر عاصم حسين خلاف ڪرپشن ريفرنس واپس نيب چيئرمين کي اماڻڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻين خلاف 17 ارب رپين جي ڪرپشن ريفرنس جي ٻڌڻي ٿي.
جسٽس ڪي ڪي آغا جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بينچ ٻڌڻي ڪندي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
سنڌ هائيڪورٽ، احتساب عدالت جي اختيار جي دائري بابت ڊاڪٽر عاصم حسين ۽ ٻين جي درخواست منظور ڪري ورتي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ريفرنس ۾ ڪيتريون ئي شاهديون ۽ اهم دستاويز لڪايا ويا آهن.
نيب موقف اختيار ڪيو ته ڊاڪٽر عاصم ٻين جوابدارن سان گڏجي من پسند ڪمپنين کي گيس فراهم ڪئي.
ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل فاروق ايڇ نائڪ موقف اختيار ڪيو ته نئين قانون بعد هي ريفرنس احتساب عدالت جي دائري ۾ ٻڌڻ جوڳو ناهي رهيو، هي ريفرنس بنيادي طور تي اختيارن جي غلط استعمال بابت آهي پر قانون موجب هي ثابت ڪرڻ ضروري آهي ته اختيارن جو استعمال ڪندڙ ڪو مالي فائدو ورتو؟.
جوابدارن جي وڪيل چيو ته سوئي ڊي سي ۽ سوئي سدرن گيس ڪمپني سرڪاري ادارا آهن، انهن کي گيس فراهم ڪري ڊاڪٽر عاصم سميت ڪنهن جوبدار ڪو غيرقانوني ڪم ناهي ڪيو.
جسٽس ڪي ڪي آغا چيو ته هاڻي نئين ترميم اچي وئي آهي قانون سازي پارليامينٽ جو حق آهي.
ايڊووڪيٽ فاروق ايڇ نائڪ چيو ته 17 ارب رپين جي ڪرپشن جو جي جي وي ايل ريفرنس قانون جي خلاف آهي………
