- Advertisement -
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي پوليس هٿان مبينا مقابلي ۾ قتل ٿي ويل ڊاڪٽر مهمير تنيو واقعي جي عدالتي جاچ بابت درخواست ٻن مهينن ۾ اڪلائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گلشن اقبال ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ قتل ٿي ويل نوشهروفيروز واسي ڊاڪٽر مهمير تنيو جي ڪيس ۾ جڊيشل انڪوائري ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان چيف سيڪريٽري، گهرو کاتي، آءِ جي، ڊي آءِ جي کي ٻن مهينن اندر درخواست اڪلائي رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مهمير تنيو کي جعلي مقابلي ۾ قتل ڪيو ويو آهي، واقعي جي عدالتي جاچ ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.- Advertisement -
