تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ توشا ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي طلب ڪري ورتو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ ۾ توشا ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کي طلب ڪري ورتو، جج همايون دلاور رمارڪس ڏنا ته پي ٽي آءِ جو وڪيل دليل ڏي ٻي صورت ۾ سڀاڻي فيصلو ٻڌايو ويندو.

ايڊيشنل سيشن جج همايون دلاور پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف توشا خانا ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل امجد پرويز دليل ڏنا ته 342 جي بيان ۾ جوابدار پاڻ تسليم ڪيو، جڏهن ته جوابدار پاڻ مڃي ته ان کي ثابت ڪرڻ جي ضرورت ناهي، پي ٽي آءِ چيئرمين چوي ٿو ته ٽيڪس رٽرن مان ثابت آهي ته هن بي ايماني ناي ڪئي، ٽيڪس رٽرن جو ته ڪيس سان ڪو تعلق ئي ناهي.

جج همايون دلاور چيو ته چئن شاهدن جو تعلق ٽيڪس بابت هو، ان سبب ئي درخواست رد ڪئي هئي.

اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته پي ٽِي آءِ چيئرمين جيولري جي ڪالم ۾ لکي ٿو ته جيولري آهي ئي نه، هو تسليم ئي نٿو ڪري سگهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين وٽ هڪ به گاڏي يا جيولري نه هجي، چئن ورهين ۾ وٽس رڳو چار ٻڪريون هيون، ڇا اها تسليم ڪرڻ جوڳي ڳالهه آهي؟

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي صبح تائين ملتوي ڪندي  پي ٽي  آءِ چيئرمين کي طلب ڪري ورتو.

جج همايون دلاور چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين جا وڪيل قطعي دليل ڏين ٻي صورت ۾ فيصلو ٻڌايو ويندو

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
33 %
2.5kmh
6 %
ڇنڇر
22 °
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون