- Advertisement -
ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير جي پاڪستان جو صدر بڻجڻ جون ڳالهيون بي بنياد آهن.
برطانوي رسالي دي اڪنامسٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري فيلڊ مارشل عاصم منير جي پاڪستان جو صدر بڻجڻ وارين ڳالهين کي بي بنياد قرار ڏنو.
پاڪستان طرفان ڀارتي فوجي ڪارروائي جي ردعمل بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته هن ڀيري اسان هندستان جي اوڀر کان شروع ڪنداسين، ڀارت جي اندران حملي سان شروع ٿيندو.
ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته ڀارت کي سمجهڻ جي ضرورت آهي اهي به هر هنڌ ماري سگهجن ٿا.
واضح رهي ته ڪجهه وقت اڳ سوشل ميڊيا تي صدر آصف علي زرداري کي هٽائڻ ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير کي صدر بڻائڻ بابت افواهون پکيڙيون ويون هيون، جنهن تي گهرو وزير محسن نقوي جواب ڏيندي چيو هو ته، کين خبر آهي ته صدر، وزيراعظم ۽ آرمي چيف کي نشانو بڻائڻ واري مهم جي پويان ڪير آهي ۽ اها به خبر آهي ته اهو ڇو ڪيو پيو وڃي ۽ ان مان ڪنهن کي فائدو پهچندو.
هن چيو ته صدر جي استعيفيٰ بابت ڪا به ڳالهه نه ٿي آهي، نه ئي اهڙو ڪو خيال آهي، ۽ نه ئي ڪا ڳالهه آهي ته آرمي چيف صدر جو عهدو سنڀالڻ لاءِ تيار آهي.
پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي سيڪريٽري جنرل نيئر بخاري به صدر زرداري خلاف اڳڪٿين کي رد ڪندي چيو هو ته صدر آصف زرداري هن ملڪ جو چونڊيل صدر آهي، سندس خلاف اڳڪٿين ۾ ڪا به سچائي ناهي، جيڪي اڳڪٿيون ڪن ٿا اهي آئين ۽ قانون کي نٿا سمجهن.- Advertisement -
