ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جي بريڪ ڊائون سبب172 انچ قطر جي پائيپ لائن ڦاٽي پئي.
پائيپ لائن ڦاٽڻ سبب ڪراچي شهر جي ڪجهه علائقن کي پاڻي جي فراهم معطل ٿي وئي.
انتظاميا موجب پائپ لائن ڦاٽڻ سبب ڌاٻيجي جي پمپنگ اسٽيشن جا 21 پمپ بند ٿي ويا آهن.
واٽر بورڊ انتظاميا جو چوڻ آهي ته پائپ لائن ڦاٽڻ سبب شاهه لطيف ٽائون، لانڊهي، قائد آباد، ملير، ڪورنگي، گلشن اقبال سميت مختلف علائقن ۾ پاڻي جي فراهم معطل ٿي و ئي آهي.
واٽر بورڊ انتظاميا جو چو ڻ آهي ته پائيپ لائن جو مرمتي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جلد پاڻي جي فراهمي بحال ڪئي ويندي.
