- Advertisement -
ڏکڻ لبنان ۾ اسرائيل جي هوائي حملن ۾ عورت ۽ ٻارن سميت 10 ڄڻا مارجي ويا آهن.
لبنان جي وزير صحت طرفان جاري ڪيل بيان موجب اسرائيل جي جنگي جهازن ڏکڻ لبنان جي علائقي نباتيه کي نشانو بڻايو، اسرائيل جي هوائي حملي ۾ عورت ۽ ٻه معصوم ٻار به مارجي ويا آهن، حملي ۾ زخمي ٿيل 5 ڄڻن مان ٻن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.
لبنان جي خبر ايجنسي موجب وادي الڪفر ۾سرن جي بٺي تي اسرائيل جي جهازن ۾ بمباري ڪئي، حملي ۾ شام سان تعلق رکندڙ بٺي جو مالڪ به مارجي ويو آهي.
هوڏانهن اسرائيل دعويٰ ڪئي آهي ته لبنان ۾ حزب الله جي هٿيارن جي ڊيپو نشانو بڻايو ويو….- Advertisement -
