کڏهر  ڀرسان  چيني شهرين جي گاڏي کاهي ۾ ڪري پئي، سندن حفاظت لاءِ مقرر ٿيل 3 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا

- Advertisement -
کڏهر  ڀرسان  چيني شهرين جي گاڏي کاهي ۾ ڪري پئي، سندن حفاظت لاءِ مقرر ٿيل 3 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا. چيني شهرين جي سڪيورٽي لاءِ سندن ويگو گاڏي ۾ ڪراچي کان نوابشاھه طرف اچي رهيا هئا ته مهراڻ هاءِ وي جي زيرو پوائنٽ وٽان موڙ تي تيز رفتاري سبب گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري روڊ ڀرسان کاهي ۾ ڪري پئي. روڊ حادثي ۾ 3 پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته گاڏي ۾ سوار چيني شهري معجزاڻي طور محفوظ رهيا. اطلاع تي کڏهر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي اهلڪارن مير حسن جمالي، بخشڻ جمالي ۽ ذوالفقار  جمالي کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ، جتي سندن علاج هلندڙ آهي. زخمي اهلڪارن مان ھڪ ڄڻي مير حسن جمالي جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي جنھن کي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
5 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
19.4 ° C
19.4 °
19.4 °
29%
2.6m/s
0%
سُومر
23 °
اڱارو
24 °
اربع
24 °
خميس
24 °
جمعو
23 °

تازه ترين خبرون