کڏهر  ڀرسان  چيني شهرين جي گاڏي کاهي ۾ ڪري پئي، سندن حفاظت لاءِ مقرر ٿيل 3 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا

- Advertisement -
کڏهر  ڀرسان  چيني شهرين جي گاڏي کاهي ۾ ڪري پئي، سندن حفاظت لاءِ مقرر ٿيل 3 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا. چيني شهرين جي سڪيورٽي لاءِ سندن ويگو گاڏي ۾ ڪراچي کان نوابشاھه طرف اچي رهيا هئا ته مهراڻ هاءِ وي جي زيرو پوائنٽ وٽان موڙ تي تيز رفتاري سبب گاڏي ڊرائيور جي ڪنٽرول مان نڪري روڊ ڀرسان کاهي ۾ ڪري پئي. روڊ حادثي ۾ 3 پوليس اهلڪار سخت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته گاڏي ۾ سوار چيني شهري معجزاڻي طور محفوظ رهيا. اطلاع تي کڏهر پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي اهلڪارن مير حسن جمالي، بخشڻ جمالي ۽ ذوالفقار  جمالي کي نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ، جتي سندن علاج هلندڙ آهي. زخمي اهلڪارن مان ھڪ ڄڻي مير حسن جمالي جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي جنھن کي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
13.9 ° C
13.9 °
13.9 °
42%
2m/s
0%
آچر
23 °
سُومر
23 °
اڱارو
25 °
اربع
24 °
خميس
25 °

تازه ترين خبرون