- Advertisement -
پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته 18 آڪٽوبر شهيدن جي قرباني، بهادري ۽ وفاداري جي تاريخ آهي، ڪارساز سانحي جي شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون.
ڪارساز سانحي جي شهيدن جي ڏهاڙي تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ڪار ساز سانحي جي شهيدن کي ڀيٽا پيش ڪئي آهي.
هن چيو ته 18هين آئيني ترميم جمهوريت جي شهيدن جي جدوجهد جو ثمر آهي، شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي پاڪستان ۾ امن هوندو ۽ عوام خوشحال هوندو.
آصف علي زرداري چيو ته آزاد پارليامينٽ، آئين جي بالادستي ۽ عوام جي حڪمراني سان ئي ملڪ ترقي ڪندو.- Advertisement -
