تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ڪارونجهر سنڌ جي دل آهي تاريخي ماڳ تي سياست نه ڪرڻ گهرجي: شرجيل ميمڻ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ڪارونجهر سنڌ جي دل آهي، تاريخي ماڳ تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، تحريڪ انصاف چيئرمين اڃا تائين لاڏلو ئي آهي، گهريلو ملازم نينگري رضوانه تي تشدد افسوس جوڳو عمل آهي، پر معاملي تي ڪنهن به پاڻمرادو نوٽيس نه ورتو.

ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ اسيمبلي پنهنجو مدو پورو ڪري رهيا آهن، رڪارڊ قانونسازي ۽ انقلابي ڪم ڪيا آهن، پ پ چونڊن ۾ ڪاميابيءَ بعد ٻيهر اقتدار ۾ اچي عوام جي خدمت ڪندي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين اڃا تائين لاڏلو آهي، پوليس ۽ فوجي ٿاڪن تي حملا ڪندڙ شخص کي اڃا تائين ڪجهه ناهي ڪيو ويو، ساڻس لاڏلي وارو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي.

شرجيل ميمڻ چيو ته  ڪارونجهر سنڌ جي دل آهي، تاريخي ماڳ تي سياست نه ڪرڻ گهرجي، ڪارونجهر کي ڪو به نقصان نه پهچندو، ڪجهه ماڻهو احتجاج جي آر ۾ ڪارونجهر تي ماني کائڻ ويا هئا.

صوبائي وزير چيو ته گهريلو ملازم نينگري رضوانه تي تشدد افسوس جوڳو عمل آهي، پر معاملي تي ڪنهن به پاڻمرادو نوٽيس نه ورتو.

وڏي وزير جي خاص مددگار قاسم سراج سومري چيو ته ڪارونجهر تي 27 هزار ايڪڙ زمين تي پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، 49 ننڍا ڊيم جوڙيا آهن، سنڌ جي عوام کي پريشان نه ٿيڻ گهرجي.

هن چيو ته ڪارونجهر کي ڪو به نقصان نه ٿيندو، ان تي سياست نه ٿيڻ گهرجي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22 ° C
22 °
22 °
33 %
2.5kmh
6 %
ڇنڇر
22 °
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون