تازه ترين

ڪجهه شهرن ۽ ڪجهه مارڪيٽن ۾ 85 سيڪڙو بجلي چوري ٿيندي آهي: خواجا آصف

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

بچاءَ واري اڳوڻي وزير ۽ مسلم ليگ نون جي اڳواڻ خواجا آصف چيو آهي ته ڪجهه شهرن ۽ ڪجهه مارڪيٽن ۾ 85 سيڪڙو بجلي چوري ٿيندي آهي، جنهن جو نقصان پورو ڪرڻ لاءِ ريٽ وڌايو ويندو آهي.

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته بجلي جي بلن ۾ 24 سيڪڙو ٽيڪس لڳي اچي رهيو آهي ٽيڪس گڏ ڪرڻ ايف بي آر جي ذميوار هوندي آهي پر هو هاڻي بجلي جي بلن ۾ ورتو پيو وڃي.

خواجا آصف وڌيڪ چيو ته الله تعالى جي ڏنل روشني ڪير به استعمال نٿو ڪري، ڏينهن جو ٻارهين وڳي کانپوءِ مارڪيٽون کـُلنديون آهن، دڪانن ۾ 5-5 سئو واٽ جا بلب لڳل هوندا آهن.

خواجا آصف وڌيڪ چيو ته اسيمبلي ميمبرن يا وزيرن کي بجلي مفت ۾ناهي ملندي، عدليه ۽ بيورو ڪريسي مفت بجلي استعمال ڪندي آهي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
1 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
44 %
3.8kmh
0 %
اربع
33 °
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °
آچر
31 °

تازه ترين خبرون