- Advertisement -
ڪراچيءَ جي عدالت اينڪرپرسن ڊاڪٽر عامر لياقت جا اڻوڻندڙ وڊيو ليڪ ڪرڻ واري ڪيس ۾ شريڪ جوابدار ياسر شامي جي ضمانت بابت درخواست جي ٻڌڻي ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر جي غير حاضري سبب ملتوي ڪري ڇڏي.
ڪراچيءَ جي سٽي ڪورٽ ۾ اينڪرپرسن ڊاڪٽر عامر لياقت جا اڻوڻندڙ وڊيو ليڪ ڪرڻ واري ڪيس ۾ شريڪ جوابدار يو ٽيوبر ياسر شامي جي ضمانت بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران جوابدار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته جوابدار لاهور کان ايندو آهي، بعد ۾ تاريخ ڏني ويندي آهي، جوابدار جي ضمانت ۾ واڌ ڪئي وڃي.
ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر جي غير حاضري سبب ملتوي ڪري ڇڏي.
عدالت جوابدار ياسر شامي جي عبوري ضمانت ۾ 6 جون تائين واڌ ڪري ڇڏي.
جوابدار ياسر شامي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو پاڻ صحافي آهي، بلر ڪري وڊيو هلايا، مٿس پيڪا 21 جو سيڪشن لڳايو ويو آهي، هي ملڪيت جو مسئلو آهي، سندس ڪلهي تي بندوق رکي هلائي رهيا آهن، عدالتن تي پورو اعتماد آهي.
ڊاڪٽر عامر لياقت جي اڳوڻي گهرواري بشريٰ اقبال ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو صبح کان ئي عدالت ۾ موجود آهن، ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر ناهي آيو، افسوس آهي ته پراسيڪيوٽر هاءِ پروفائل ڪيس کي سنجيده نه وٺي رهيو آهي.- Advertisement -
