ڪراچيءَ جي علائقي لياري ۾ رينجرز انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي ڪارروائي ڪري خالي پلاٽ مان هٿيار هٿ

- Advertisement -
ڪراچيءَ جي علائقي لياري ۾ رينجرز انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي ڪارروائي ڪري خالي پلاٽ مان هٿيار هٿ ڪري ورتا آهن. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته رينجرز انٽيليجنس معلومات جي بنياد تي ڪارروائي ڪندي ڪراچيءَ جي علائقي لياري جي جهان آباد ۾ خالي پلاٽ مان وڏي انگ ۾ هٿيار ۽ گوليون هٿ ڪري ورتيون. رينجرز ترجمان موجب، شروعاتي اطلاعن موجب هٿ آيل هٿيار لياري جي ڏوهاري ٽولي جي ڪمانڊر بلال ارشد عرف بلال پپو جا آهن جيڪي امڪاني طور تي وڳوڙي عنصرن طرفان ڪنهن به تخريبڪاري لاءِ استعمال ٿيڻا هئا. رينجرز ترجمان جو چوڻ آهي ته هٿ آيل هٿيارن ۾ هڪ ڪلاشنڪوف، هڪ رائفل، 7 نائن ايم ايم، 3 پسٽل، مختلف قسمن جون 243 گوليون ۽ 15 ميگزين شامل آهن
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
12 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
26.6 ° C
26.6 °
26.6 °
30%
2.3m/s
0%
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
32 °
اربع
32 °
خميس
32 °

تازه ترين خبرون