ڪراچي۾ نئين سال جي خوشي ۾ مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ، 30 کان وڌيڪ شهري زخمي

- Advertisement -
ڪراچي ۾ نئين سال جي خوشي ۾ مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ 30 کان وڌيڪ شهري زخمي ٿي پيا. صدر، لياري، گارڊن، سچل، ڪورنگي، اورنگي ٽائون، سائيٽ سرجاني، ملير، قائد آباد گلستان جوهر، لياقت آباد، نيو ڪراچي، بلديا، ڪياماڙي ۾ هوائي فائرنگ ڪئي وئي. ان کان علاوه سهراب ڳوٺ، فيڊرل بي ايريا، ڪلفٽن، خواجا اجمير نگري، سر سيد ٽائون، لانڍي، شاهه فيصل ڪالوني سميت ٻين علائقن ۾ به هوائي فائرنگ ۽ آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو. ريسڪيو ذريعن جو چوڻ آهي ته شهر جي مختلف علئاقن ۾ هوائي فائرنگ سبب ٽيهه کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا. پوليس جو چوڻ آهي ته هوائي فائرنگ ۾ زخمي ٿيلن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن جن کي طبي امداد لاءِ جناح، سول ۽ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب، مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ ڪندڙ 65 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي جن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو……..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
scattered clouds
24 ° C
24 °
24 °
37%
1.5m/s
36%
آچر
29 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °
اربع
31 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون