ڪراچي۾ کلي عام سياسي سرگرمين تي حملا ٿي رهيا آهن: سعيد غني

- Advertisement -
پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته  ڪراچي۾ کلي عام سياسي سرگرمين تي حملا ٿي رهيا آهن،  سياسي مفاد حاصل ڪرڻ لاءِ شهر کي تشدد جي باهه ۾ ڦٽو نه ٿو ڪري سگهجي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ اڳواڻ سعيد غني چيو ته  ناظم آباد ۾ ايم ڪيو ايم جو هڪ ڪارڪن قتل ٿيو، پ پ  فوري طور واقعي جي جاچ جو مطالبو ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن جاچ ٿي وڃي ها ته حالتون ايتريون خراب نه ٿين ها،  واقعن ۾ پوليس جو ڪردار عجيب آهي، پوليس وقت تي ڪارروائي ڪري ها ته  ڪو جاني نقصان نه ٿي ها. هن چيو ته واقعي کانپوءِ جلسو ڪندڙ انتظاميه پوليس سان رابطو ڪيو پر ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ڪئي وئي نه ته صورتحال خراب نه ٿي ها. سندس چوڻ هو ته پ پ جا 3 ڪارڪن زخمي ٿيا پر پوليس ڪيس داخل ڪرڻ کان به انڪار ڪيو، گاڏين کي به باهه ڏئي ساڙيو ويو. سعيد غني چيو ته ننڍا ننڍا واقعا ٿيندا رهيا آهن پر پوليس ڪنهن به قسم جي ڪارروائي  نه ڪئي آهي. هن چيو ته ڪجهه ڏينهن کانپوءِ چونڊون آهن،  کيس خوف  ۽ خدشو آهي ته 8 فيبروري تي شهر ۾ وڳوڙ نه ڀڙڪي پون، وڳوڙي واقعا شهر ۽ ملڪ جي مفاد ۾ نه آهن،  ايم ڪيو ايم جا ماڻهو مٿن الزام هڻي رهيا آهن،  پ پ تي کٽي رهي آهي اهڙا واقعا ڇو ڪندي؟ سندس چوڻ هو ته ڪراچي شهر جو ماضي تمام گهڻو خوفناڪ آهي، شهر ۾ امن بحال ڪرڻ لاءِ هزارين جانيون ويون آهن،  ڪنهن کي امن امان خراب ڪرڻ جي اجازت نه هئڻ گهرجي…………….
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.7 ° C
15.7 °
15.7 °
28%
0.9m/s
0%
اربع
16 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون