تازه ترين

ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو ٿيل ڌماڪي جي جاچ جاري آهي، چيني شهرين تي ٿيل آپگهاتي حملي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي

- Advertisement -
ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو ٿيل ڌماڪي جي جاچ جاري آهي، چيني شهرين تي ٿيل آپگهاتي حملي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جاچ آفيسر جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ استعمال ٿيل گاڏي جو رڪارڊ ملي ويو آهي، نادرا رڪارڊ بعد جاچ جو دائرو بلوچستان تائين وڌايو ويو آهي. ڪراچي ايئرپورٽ ويجهو چيني شهرين تي حملي لاءِ استعمال ٿيل جو پتو پئجي ويو. چيني شهرين تي ٿيل آپگهاتي حملي جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، جاچ آفيسر جو چوڻ آهي ته ڌماڪي ۾ استعمال ٿيل گاڏي جو رڪارڊ ملي ويو آهي. جاچ آفيسر چيو ته آپگهاتي حملي ۾ استعمال ٿيل گاڏي جنهن جي نالي تي هئي ان جو نادرا رڪارڊ ملي ويو آهي، گاڏي جا تفصيل ۽ چيسز نمبر حاصل ڪيو ويو آهي. جاچ آفيسر جو چوڻ آهي ته نادرا رڪارڊ بعد جاچ جو دائرو بلوچستان تائين وڌايو ويو آهي. اختيارين موجب، گاڏي جنهن شخص جي نالي هئي سندس سڃاڻپ دستاويز حاصل ڪري ورتا آهن، هن شخص جي استعمال هيٺ موبائل سمن جو به ڊيٽا حاصل ڪيو پيو وڃي. ڪراچي ايئرپورٽ ڀرسان چيني شهرين تي حملو آپگهاتي قرار، آپگهاتي حملي ۾ ٻن چيني شهرين سميت ٽن ڄڻن جي مارجڻ جي تصديق ۽  ڌماڪي جي جاچ لاءِ خاص ٽيم قائم ڪئي وئي، جاچ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته حملي ۾  ننڍي ڪار استعمال ڪئي وئي، آپگهاتي بمبار قافلو نڪرڻ جو انتظار ڪندو رهيو، قافلو پهچندي ئي ڪار سوار پنهنجي گاڏي پرڏيهين جي گاڏي سان ٽڪرائي ڇڏي، آپگهاتي حملي ۾ ٻن چيني شهرين سميت 3 ڄڻا مارجي ويا آهن. جاچ ذريعن جو چوڻ آهي ته جاچ دوران معلوم ٿيو آهي ته حملي ۾ ننڍي ڪار استعمال ڪئي وئي، ڪار جي نمبر پليٽ ۽ انجڻ جو چيسز نمبر حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. جاچ ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪار سوار آپگهاتي بمبار قافلي جي نڪرڻ جو انتظار ڪري رهيو هو، قافلو ويجهو پهچڻ تي دهشتگرد ڪار پرڏيهين جي گاڏي سان ٽڪرائي ڇڏي، ڪار ۾ امڪاني طور بارودي مواد هو جنهن سبب گاڏي مڪمل تباهه ٿي وئي. جاچ ذريعن موجب، ڌماڪي بعد پرڏيهين جي هڪ گاڏي کي ريورس ڪري محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ڌماڪي ۾ بارودي مواد استعمال ڪيو ويو هو جنهن سبب ڪيترين ئي گاڏين کي نقصان پهتو، گاڏين جا تفصيل حاصل ڪيا پيا وڃن. ايئرپورٽ ويجهو ڌماڪي بابت خاص جاچ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ڪميٽي ۾ بم ڊسپوزل اسڪواڊ، اوڀر، ڏکڻ ۽ اولهه پوليس جون ٽيمون شامل آهن جيڪي جاچ ڪنديون. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته آءِ جي سنڌ جي حڪم تي خاص ٽيم جوڙي وئي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
47 %
2.4kmh
1 %
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون