تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

ڪراچي جي عدالت ڪارساز حادثي ڪيس جي جوابدار نتاشا جي منشيات ڪيس ۾ ضمانت بابت درخواست رد

- Advertisement -
ڪراچي جي عدالت ڪارساز حادثي ڪيس جي جوابدار نتاشا جي منشيات ڪيس ۾ ضمانت بابت درخواست رد ڪري ڇڏي، جڏهن ته جوابدار جي وڪيلن ڊسٽرڪٽ سيشن جج اوڀر جي عدالت ضمانت بابت نئين درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ ڪارساز حادثي ڪيس جي جوابدار نتاشا جي منشيات ڪيس ۾ ضمانت بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي. عدالت منشيات ڪيس ۾ جوابدار نتاشا جي ضمانت بابت درخواست رد ڪري ڇڏي. ضمانت رد ٿيڻ بعد جوابدار نتاشا جي جيل مان آزادي واري اميد ختم ٿي وئي. عدالت منشيات ڪيس ۾ جوابدار نتاشا جي ضمانت بابت درخواست رد ڪرڻ جو لکت ۾ حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت جو چوڻ آهي ته وڪيل نتاشا جي ضمانت بابت عدالت کي مطمئن نه ڪري سگهيو آهي، سندس رت ۽ يورين جا نمونا غير محفوظ رهڻ جي دعويٰ غلط آهي، اعليٰ تعليم يافتا عورت طرفان نشي ۾ گاڏي هلائڻ حيرت جهڙي ڳالهه آهي، نتاشا جي ضمانت سان معاشري تي ناڪاري اثر پوندو. جوابدار نتاشا جي وڪيل عامر منصوب قريشي ۽ عمر گوراڻي ڊسٽرڪٽ سيشن جج اوڀر جي ڪورٽ ۾ نتاشا جي ضمانت بابت نئين درخواست داخل ڪرائي ڇڏي. وڪيل موقف اختيار ڪيو ته جوڊيشل مئجسٽريٽ حقيقن کي نظر انداز ڪندي نتاشا جي ضمانت رد ڪئي آهي. هنن چيو ته اهو ممڪن ئي ناهي ته هڪ شخص جا ٻه سيمپل ورتا وڃن ۽ ٻنهي جي رپورٽ ڌار ڌار اچي، هڪ ئي واقعي ۾ 2 ڪيس داخل ڪرڻ به قانون جي ڀڃڪڙي آهي، نتاشا جي ضمانت بابت درخواست منظور ڪئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
21.2 ° C
21.2 °
21.2 °
36 %
4.3kmh
0 %
سُومر
25 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
32 °

تازه ترين خبرون